ٿڌي واري ٻي جنگ

ٿڌي واري ٻي جنگ: هي جنگ ملڪ طوطا خان جي دور ۾ لڳي، جنهن ۾ پاڻ شامل هو، هن کان اڳ ڪرمتين واري جنگ لڳي هئي، جنهن ۾ رڳو طرفدار وڙهيا هئا. طوطا خان ڪرمتين جو چڱو مڙس سمن جي دور جو ڪلمتي سردار هو، جنهن جي قبر سندس نئين نالي پٺيان قبرستان ۾، جيڪو ڪراچيءَ کان 16 ميلن جي پنڌ تي ۽ ڊملوٽي روڊ تي ٿڌي نديءَ ڪناري موجود آهي. جوکين مان اُن وقت بجار خان همت وارو هو، پر ايڏو
زورآور ڪونه هو. پاڻ ۽ سندس ماڻهو ڪنگور طرف رهندڙ هئا ۽ اتان حب ۽ ملير طرف آيا هئا. سندن گذران به ڏکيو هو. هيءَ جنگ ڪهڙيءَ ڳالهه تان لڳي، سا معلوم ناهي، پر مَلڪ طوطا جي طرف وارن اها جنگ کٽي. بجار پاڻ سگھڙ هو ۽ سندس لنگھو به شاعر هو. ڪچهريءَ ۾ لنگھي کي چيائين ته جنگ ته هن طرفَ کٽي، پر پنهنجن کي ڪجهه ڳاءِ. تڏهن لنگهي چيو ته: ’شاعر سچ چوندو آهي‘ آءٌ جي اکر ڳالهائيندس، سي تون ٻڌي متان ڪاوڙجين! بجار چيو ته ’بيت چئو ۽ ڀل تون سچ ڳالهاءِ‘. تڏهن لنگهي بيت چيا، جن مان هڪ هيٺيون بيت هو، جنهن ۾ چيائين ته: ”اڃا مَلڪ توکان مڙسن ۾، توڙي مال ملڪيت ۾ وڌيڪ آهي، سو تون ان سان ڪيئن پڄي سگھندين!“
ڪيڏانهن طوطا ڪيڏانهن تون، ناهين مٽ ملڪ جو
جيتريون مريون مَلڪ آڻي، اوترو ان نٿو آڻين تون.
هـت ڏُٿ، گُـگَـر، پـيـرُون، پيـا آهـن پـِنـڊن ۾


هن صفحي کي شيئر ڪريو